عبدالعزيز شاهه بخاري مولانا

عبدالعزيز شاهه بخاري، مولانا: مشهور عالم مولوي عبدالعزيز ولد مولوي عبدالڪريم شاهه، 1883ع ڌاري بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد اصل لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو. نوڪريءَ سانگي بمبئيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو، ۽ دارالعلوم ديوبند ۾ مدرس هو. والد جي وفات بعد عبدالعزيز جو خاندان لکي ۾ رهائش پذير ٿيو. تڏهن سندس عمر 12 ورهيه هئي. عبدالعزيز والد جي وفات بعد سومراڻي شريف واري مدرسي ڪنزالعلوم لڳ رستم ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مولوي غلام رسول شاهه وٽان عربي فارسيءَ جي تعليم ورتي. ٽيهن سالن جي عمر ۾ بنگل ديري جي مدرسي مان دستاربند ٿيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد چڪ شهر جي مسجد ۾ مدرسو کوليائين، جتي اٺ سال درس ڏنائين. ان بعد گهر ۾ تصنيفات جو ڪم شروع ڪيائين. پاڻ علم ابجد جو وڏو ڄاڻو هو. جنهن جي سکڻ لاءِ وٽس پري پري جا ماڻهو ايندا هئا. هن شاعري پڻ ڪئي. سندس ڪلام ۾ ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناجات وغيره ملن ٿيون. سندس ڪتاب ‘علم ابجد’ شايع ٿيو. سندس شاعري پوين وٽ محفوظ آهي. هن 1953ع ۾ وفات ڪئي. کيس هڪ پٽ جو اولاد هو. سندس پٽ انور علي شاهه ڪلاسيڪل فنڪار هو. عبدالعزيز جي نالي پٺيان چڪ شهر ۾ اديبن ‘العزيز ادبي انجمن’ جو 1975ع ڌاري بنياد وڌو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو